سنڌ

سنڌ موسمياتي تبديليءَ جو پهريون شڪار آهي: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته زرعي پاڻي مهانگو بڻجي رهيو آهي، تنهنڪري اسان کي فصل جي پيٽرن کي تبديل ڪري فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جو موثر استعمال ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ڳالهائيندي چئي، جنهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، جڏهن ته فرسٽ سيڪريٽري مس ايشلي لائيٽ ۽ پوليٽيڪل سيڪريٽري فريحا شميم پڻ آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر سان گڏ موجود هئا. ملاقات جي شروعات ۾ آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلين جا اثر گهڻين برساتن، ڏهڪائيندڙ ۽ وڌندڙ گرمي جي صورت ۾ سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ جو عوام موسمياتي تبديلين جو پهريون شڪار ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اندروني بي گهر ٿيل ماڻهو (IDPs) ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مکيه شاهراهن ۽ ڪئمپن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن ۾ ڊينگي، مليريا ۽ چمڙيءَ جون بيماريون پکڙجي ويون آهن. هن چيو ته اسان مريضن کي علاج جي فراهمي لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون آهن ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جلد کان جلد بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪري کين مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي. هاءِ ڪمشنر چيو ته ٻوڏ جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي ته جيئن سمنڊ ۾ نيڪال ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اهو ماحولياتي نظام جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندو. ان تي وڏي وزير چيو ته بدقسمتيءَ سان اسان جا ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته دريائن ذريعي سمنڊ ۾ پاڻي ڇڏڻ (پاڻيءَ جو) زيان آهي پر حقيقت ۾ سمنڊ جي مداخلت کي روڪڻ ضروري هو. مراد علي شاهه چيو ته خريف جي شروعات ۾ اسان کي پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ پوءِ تيز برساتن سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڻي مهانگو بڻجي رهيو آهي تنهنڪري اسان کي زرعي مقصدن لاءِ بهتر نموني استعمال ڪرڻو پوندو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته گهٽ ڊيلٽا ۽ وڌيڪ پيداوار وارين فصلن کي متعارف ڪرائڻ سان فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته هاڻي چانور ۽ ڪڻڪ جا مختلف قسم عالمي مارڪيٽ ۾ وڏي پئماني تي اچي ويا آهن ۽ وڌيڪ چيو ته اهي گهربل ٻج ۽ قسم متعارف ڪرائڻ لاءِ زرعي تحقيق تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. دوري تي آيل سفارتڪارن ۽ وڏي وزير فصلن جي مختلف قسمن ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ فصلن تي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو. وڏي وزير مهمان کي پنهنجي شيلڊ، سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪئي، جڏهن ته مهمان وڏي وزير کي ڪتاب پيش ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button