سنڌ

فرانس جي وفد جو سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي جو دورو

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي تي فرانس جو 12 ڄڻن جو پرڏيهي وفد اين ميري واريجا جي سربراهي ۾ دورو ڪيو، ان موقعي تي فرانس جي پرڏيهي وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا ۽ ميوزيم سميت ٻيا قديمي آثار گهمي ڏٺا. هوڏانهن پرڏيهي سياحن جو آيل فرانس جي وفد جو چوڻ هو ته اسان جي خواهش هئي ته اسان موهن جو دڙو ضرور ڏسون. هنن چيو ته اها اسان جي خواهش پوري ٿي وئي آھي. هنن چيو ته موهن جو دڙو ڏسي ڪري تمام گهڻو مزو آيو آھي..هنن چيو ته هتان جا ماڻھو وڏا قربائتا ۽ شاهوڪار محنتي محبتي هوندا هئا. ٻئي پاسي موهن جو دڙو ۽ ڀرپاسي ۾ پرڏيهي سياحن جي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button