سنڌ

ڏوڪري ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڏوڪري ويجهو ڳوٺ شيرمحمد سيهڙو مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته اسان هميشه پ پ کي ووٽ ڏيندا آهيون پر چونڊيل نمائندن ڪا سار سنڀال ناهي لڌي. اسان جا ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ۽ کاڌ خوراڪ به ختم ٿي وئي آهي، جنهن ڪري پريشاني واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهيون.جڏهن ته اچڻ وڃڻ جو مک رستو به پاڻي هيٺ اچي ويو، اسان بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺان بند تي ويٺل آهيون. برسات کي ڏيڍ مهينو گذري ويو پر اڃا تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو. هنن چيو تہ گهرن جي چوڌاري ۽ ڳوٺ ٻاهران 4 فوٽن کان وڌيڪ پاڻي بيٺل آھي ۽ گندو پاڻي بيهڻ سبب معصوم ٻارڙا مليريا، گيسٽرو سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن، هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ بيٺل برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن اسان پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏجي پنهنجن گهرن ۾ رهي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button