سنڌ

لاڙڪاڻي جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو وي سي عهدي تان فارغ

لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي قائم مقام وائيس چانسلر ڊاڪٽر حاڪم ابڙو کي سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر عهدي تان فارغ ڪري ڇڏيو. خبر موجب ايس ايم بي بي ايم يو لاڙڪاڻي جي نئين مقرر ڪيل وي سي ڊاڪٽر حاڪم ابڙو جي آرڊر وارو نوٽيفڪيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ معطل ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ڊاڪٽر حاڪم ابڙو جو نوٽيفڪيشن ڪجھ ڏينهن اڳ پروفيسر ڊاڪٽر اڪبر ڀنڊ پاران داخل ڪيل پٽيشن جي شنوائي دوران معطل ڪيو. شنوائي دوران عدالت سڳوري ريمارڪس ڏنا ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي قائم مقام وائيس چانسلر ٿيڻ جو حق سڀ کان سينئر پروفيسر جو آهي. ياد رهي ته سنڌ حڪومت ڪجھه مهينا اڳ ڊاڪٽر حاڪم ابڙو کي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو قائم مقام وي سي مقرر ڪيو هو، جڏهن ته ڪجھ وقت اڳ به يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمٰن جي پٽيشن تي ڊاڪٽر حاڪم ابڙو کي پڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ عهدي تان لاهي توهين عدالت تحت سندس گرفتاري جو وارنٽ جاري ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button