سنڌ

ڏوڪري ويجهو اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ،ٻارڙا پٽ تي ويهڻ تي مجبور

ڏوڪري ويجهو ڳوٺ محمد خان چانڊيو جو اسڪول ۾ معصوم ٻارڙا هيٺ پَٽَ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن، جڏھن ته تعليم کاتي طرفان ڪا سهولت مليل ناهي، معصوم ٻارڙا اسڪول ۾ سهولتون نه هجڻ سبب پريشاني جو شڪار آھن. ان موقعي تي اسڪول جي معصوم شاگردن توڙي ڳوٺاڻن سڄڻ علي، ممتاز علي، عاشق علي، لاهوتي مکڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسڪول بلڊنگ به بهتر آهي ۽ بهترين استاد ٻارڙن کي تعليم ڏئي رهيا آهن پر هتي ڪيتريون بنيادي سهولتون موجود ناهن. هنن چيو ته اسڪول ۾ نه فرنيچر، پيئڻ جو صاف پاڻي، سولر ۽ ٻيون سهولتون اڻلڀ آھن، جنهن لاءِ ڪيترائي ڀيرا آفيسرن کي چيو آهي پر هن وقت تائين ڪو تعليم کاتي جو آفيسر ٻڌڻ لا تيار ئي ناهي. هنن ڊي اي او لاڙڪاڻو ۽ ٽي اي او ڏوڪري کي اپيل ڪئي ته اسڪول ۾ سهولتون ڏيئي شاگردن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button