سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ استاد پاران ڪلاس دوران شاگرد کي ڀونڊو ڏيڻ واري تصوير وائرل

لاڙڪاڻي ۾ استاد پاران ھلندڙ ڪلاس دوران شاگرد جي تذليل وارو فوٽو ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. خبر موجب لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج جي اسسٽنٽ پروفيسر جي ڀونڊو ڏين واري تصوير ۽ وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي استاد مٿان ڇتي تنقيد ۽ بحث ڇڙي ويو. سوشل ميڊيا تي مختلف ماڻهن ڪمينٽس ڏنا ته هي استاد ڪهڙي تربيت ڏين ٿا. لاڙڪاڻي جي ايليمينٽري ڪاليج ۾ هڪ استاد شاگردن جي هن طرح تذليل ڪري رهيا آهن؟. هوڏانهن پرنسپال ايليمينٽري ڪاليج محمد نواز شيخ جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي تنقيدي وائرل ٿيل فوٽو ۾ ڪاليج جو اسسٽنٽ پروفيسر منظور احمد ڏھر نظر اچي رهيو آهي، جنهن کي ليٽر ڏيڻ سان گڏ کانئس وضاحت طلب ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button