سنڌ

ڪراچيءَ جون ٽي وڏيون اسپتالون 23 سالن لا سنڌ حڪومت حوالي

وفاقي حڪومت جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي، اين آءِ سي ايڇ ڪراچيءَ کي 25 سالن لاءِ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کان ٽن اسپتالن کي واپس ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا وفاقي حڪومت منظور ڪندي جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي، اين آءِ ايڇ ڪراچي کي پنجويهه ورهين لاءِ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت ڪراچي جي ٽن وڏين اسپتالن جا انتظامي ۽ مالي معاملا ڏسندي. ليز معاهدي تحت ڪراچي جي ٽن اسپتالن جي زمين وفاقي حڪومت جي نالي رهندي، سنڌ حڪومت جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي، اين آءِ سي ايڇ ۾ مقرريون ۽ ڀرتيون ڪري سگهندي.واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ ڪراچيءَ جي ٽن وڏين اسپتالن کي وفاقي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ورتو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button