سنڌ

عمران خان جهڙو بزدل شخص ٻيو ڪير به نٿو ٿي سگهي:شرجيل ميمڻ

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ راولپنڊي ورڪرز ڪنوينشن ۾ عمران خان جي خطاب تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پرامن ۽ جمهوري جدوجهد ۾ تي يقين رکي ٿي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ سياسي لانگ مارچ پنهنجي منزل تي پهچي پڄاڻي تي پهتو. ڊي چوڪ اسان جي منزل نه هئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان جي لانگ مارچ جو مقصد اسلام آباد تي حملو ڪرڻ نه هو ۽ نه ئي ڪو ادارو اسان جو ٽارگيٽ هو. عمران خان جهڙو بزدل ۽ منافق شخص ٻيو ڪو به نٿو ٿي سگهي. پوري پاڪستان ۾ ڪارڪنن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بنائڻ جا قسم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته عمران خان جهاد جو ٽچ ڏئي عوام جي جذبن سان کيڏي کين اسلام آباد تي حملو ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي. آڊيو ليڪس کان پوءِ ٻهروپئي شخص جي چهري تان نقاب لهي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان مني لانڊرنگ، هارس ٽريڊنگ ۽ پنهنجي ڪرپشن جو جواب ڏئي. بزدل لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڇو نٿو ڪري، روزانو ٽي وي تي اچي بليڪ ميلنگ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آهي. عمران خان جي بليڪ ميلنگ ۾ هاڻي ڪو به نه ايندو، سمورا ادارا آئين ۽ قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ پوليس جا سوين دستا عمران نيازي جي استقبال لاءِ اسلام آباد پهچي رهيا آهن. هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 28675 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته بدين ۾ 6200 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 7500، حيدرآباد ۾ 2000، ڄامشورو 1125، مٽياري 2500، سجاول 1250، ٽنڊوالهيار 2500، لاڙڪاڻو 2000، خيرپور ميرس 3000 ۽ نوشهروفيروز 600 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1495773 خاندانن ۾ راشن بيگس تقسيم ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ جي مطابق وڌيڪ 1800 خيما، 5 هيوي ڊي واٽرنگ پمپس ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. هاڻي تائين متاثرن کي 599918 خيما، 535215 پلاسٽڪ ترپال، 3140036 مڇردانيون، 800323 ليٽر منرل واٽر واٽر ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 71130 متاثر رليف ڪيمپن مان پنھنجي گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ھن وقت 273667 متاثر رليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. جن ۾ 81126 ٻار ۽ 62399 عورتون شامل آهن، جن کي ٻه وقت جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته تازين برساتن جي تباهڪارين سبب 770 قيمتي حياتيون ضايع ٿيون آهن، 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 436409 ڍور مري چڪا آهن. دريا سنڌ ۾ پاڻي جي وهڪرن بابت هن چيو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 59800 ڪيوسڪ ۽ اخراج 49900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 46600 ڪيوسڪ ۽ اخراج 36500 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي آمد 86200 ڪيوسڪ ۽ اخراج 57500 ڪيوسڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button