اسٽيٽ بئنڪ نئين مانيٽري پاليسي جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ وياج جي شرح 15 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي اعلاميي موجب وياج جي شرح ۾ ڪو اضافو يا گهٽتائي ناهي ڪئي وئي ۽ وياج جي شرح 15 سيڪڙو تي برقرار آهي. هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته آگسٽ جي اجلاس کانپوءِ معاشي سرگرميون سست روي جو شڪار رهيون، مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي. اعلاميي موجب ٻوڏ کانپو معاشي منظرنامو تبديل ٿيو آهي، ٻوڏ جي تباهي جي اثرن جو جائزو وٺڻ جو سلسلو جاري آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي اعلاميي موجب غذائي سپلا مسئلن جي ڪري مهانگائي جي شرح ۽ دورانيو بلند ٿي سگهي ٿو، طلب گهٽ ٿيڻ سبب معاشي نمو جا امڪان گهٽ ٿيا آهن. طلب گهٽ ٿيڻ سان مهانگائي به گهٽجي وڃڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close