سنڌ جو نئون گورنر ڪامران ٽيسوري ايم ڪيو ايم پاڪستان سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته سون جو واپار سندس خانداني پيشو آهي، جيڪو ڪراچي کان هانگ ڪانگ تائين ڦهليل آهي. ڪراچي شهر جي مشهور روڊ زيب النسا اسٽريٽ تي ٽيسوري گولڊ جي نالي سان سوناري جو هڪ قديمي دڪان موجود آهي، جيڪو ڪامران ٽيسوري جي خانداني ملڪيت آهي. سنڌ جو نئون گورنر سياست سان گڏوگڏ مني چينجر ۽ ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار سان به جڙيل رهيو آهي، سپريم ڪورٽ طرفان غير قانوني قرار ڏئي ڊاٿل عمارت تجوري هائيٽس ۾ به ڪامران ٽيسوري جي ڀائيواري هئي، هن پنهنجي سياسي سفر ۾ ڪجهه سالن اندر هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪامران ٽيسوري کان اڳ زبير موتي والا ۽ مفتاح اسماعيل سميت ڪراچي جا ٻيا به ڪيترائي وڏا بينڪر ۽ واپاري سياست جي دنيا ۾ آيا آهن. ڪامران ٽيسوري جي سڀ کان پهرين سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم سان واقفيت ۽ تعلق قائم ٿيو، بعد ۾ هن فنڪشنل ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي پر ڪجهه عرصي بعد اندروني اختلافن سبب کيس استعيفا ڏيڻي پئي. ٻئي طرف ڪامران ٽيسوري کي سنڌ جي گورنر طور حلف کڻڻ تي پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل واوڊا سوشل ميڊيا پيغامن ذريعي مبارڪون ڏنيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close