بخشاپور ويجهو گبلو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ حمزو گولو مان ھفتو اڳ مبينا طور اغوا ٿيل علي مراد عرف گورو گولو جي بازيابي لا گولا برادري جا سوين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. گولا برادري جي سوين ماڻهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڊاٽسنن ۾ سوار ٿي بخشاپور انڊس ها وي تي پي پي ايل وٽ راڻو اسٽاپ تي انڊس ها وي کي بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب انڊس ها وي تي ٻنھي طرفن کان ايندڙ ويندڙ سوين گاڏين جون ڊگھيون قطارون بيھجي ويون جنهن ڪري گاڏين ۾ سوار مسافرن کي وڏي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ڌرڻي ھنڌ تي احتجاج ڪندڙ مغوي علي مراد گولو جي وارثن وزير علي، شوڪت علي، مشتاق گولو، عبدالنبي گولو، مظهر گولو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ڪشمور ضلعو بدامني جي باهه ۾ سڙي پيو، وڌندڙ بدامني سبب ماڻهو رات جو جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن، ڪشمور ضلعو اغوا انڊسٽري بڻجي ويو آهي، اغوا ۽ ڦرلٽ جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، اسان جي ماڻهو کي اغوا ٿئي ھڪ ھفتو گذري ويو آهي پر پوليس ننڊ ستل آهي، جنهن ڪري عوام روڊن تي نڪرڻ تي مجبور آهي. ھنن چيو ته پوليس مغوي نوجوان علي مراد گولو جي بازيابي لا صرف ڪوڙا دلاسا ڏيئي رهي آهي پر عملي ڪم نه پئي ڪري. ھنن اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني جو پاڻ مرادو نوٽس وٺي اغوا ٿيل نوجوان بازياب ڪرائي ضلعي اندر امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻايو وڃي. ٻي طرف گولا قبيلي جو سردار محمد صلاح گولو به ڌرڻي واري ھنڌ پھتو، جتي بخشاپور ۽ گبلو پوليس جا وڏا جٿا مظاھرين سان ڳالھيون ڪرڻ لا پھتا. ان موقعي تي پوليس سردار محمد صلاح گولو سان ڳالھيون ڪيون جنهن مغوي نوجوان جي وارثن کي پوليس پاران مغوي نوجوان کي جلد بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد چار ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت بند رھندڙ انڊس ها وي تي لڳل ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close