سجاول جوڻيجو ويجهو ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن واهر نه ٿيڻ خلاف ٽريڪٽر ٽرالين تي سوار ٿي شھدادڪوٽ رتوديرو روڊ تي رڪاوٽون وجھي ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن سڪندر بروھي، نورنبي بروھي، عبدالعزيز بروھي، علي انور بروھي، عبدالنبي چانڊيو، راجب ٽانوري ۽ ٻين چيو ته گذريل برساتن دوران اسان جا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن ۽ ساريال فصل ٻڏي ويو آهي، اسان ٻچن سميت کليل آسمان هيٺان ويٺل آھيون پر اسان جي يوسي چيئرمين سجاول جوڻيجو يوسي چيئرمين مستوئي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول جوڻيجو نويد کوکر ڪا به واهر ناهي ڪئي. حڪومت پاران ٽينٽ، راشن سميت ٻئي سامان جون ٽرڪون ڀريل مليون آھن پر چونڊيل نمائندن، روينيو عملدار رڳو سفارش تي من پسندن کي نوازي رھيا آھن ۽ روينيو آفيس مان عملدار غائب آهن. ڪلارڪ نثار ڀٽي پنھنجي من پسندن کي سفارش تي ٽينٽ ۽ راشن وغيره ڏئي رھيو آھي. اسان جي سفارش ناھي ته روينيو آفيس مان ڪجھه به نه ملي رھيو آھي. ھنن سنڌ حڪومت، ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جي مالڪي ڪري يوسي چيئرمين ۽ روينيو عملدارن کان پڇاڻو ڪري فوري طور تي واهر ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close