قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيس مافيا خلاف جناح باغ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي زاهد حسين بروهي، علي نواز لاکو، طفيل احمد سانگاهه، عرفان گوپانگ، ياسر چانڊيو، احسان علي ٻرڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته بي آئي ايس پي سينٽرن تي ويريفڪيشن ڪرڻ لاءِ مسڪين ماڻهن کي نظرانداز ڪندي رشوت وٺي من پسند ماڻهن جي ويريفڪيشن ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اومني ڊوائيس وارا ملي ڀڳت ڪري 2 هزار روپيا هر هڪ مستحق کان ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، جيڪو عمل غيرقانوني آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري مستحقين کي انصاف ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close