سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بنيادي سهولتون نه ڏيڻ تي بااثر بلڊر خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي سچل ڪالوني ويجهو حاجي غلام نبي ڪلهوڙو ڪالوني جي رهواسين بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شمس الدين سنديلو، خليل احمد واهوچو، يار محمد لاشاري، ثناءِ الله تنيو، ڊاڪٽر حاڪم علي چانڊيو، سيد غلام مرتضيٰ شاهه ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته اسان سال 2008ع ۽ ان بعد مختلف وقتن تي بااثر بلڊر زاهد عباسي کان حاجي غلام نبي ڪلهوڙو ڪالوني ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ پلاٽ خريد ڪيا، جنهن لکت دوران اسان کي بجلي، ڊرنيج ۽ ٻيون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي ڊولپمينٽ چارجز جي مد ۾ هر پلاٽ عيوض 70 کان 80 هزار روپيا وڌيڪ ورتا پر ان جي ڀيٽ ۾ زاهد عباسي اسان کي ڪي سهولتون فراهم نه ڪيون، جنهن ڪري هن وقت تائين بجلي، ڊرينيج سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهيون. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪالوني ۾ بجلي، ڊرينيج سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪري بااثر بلڊر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان حوالي سان بلڊر زاهد عباسي ٻڌايو ته مون رهواسين کي اڳ به خاطري ڪرائي آهي ان لاءِ انتظاميا سان ڳالهيون هلندڙ آهي ۽ منهنجو رهواسين سان رابطو ٿيو آهي، جلد سندن مسئلي کي حل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button