سنڌ

گولاڙچي ڀرسان پرائمري اسڪول زبون هجڻ خلاف پيادل مارچ

گولاڙچي ڀرسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪرم علي نوحاڻي جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ والدين اسڪول کان 10 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري شھيد فاضل راهو جي مزار آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ۽ شاگردن غلام حسين نوحاڻي، رفيق نوحاڻي، متارو خاصخيلي ۽ ٻين ته اسڪول جي بلڊنگ ختم ٿي وئي آهي. ڇت ڪري پئي آهي، گرمي ۾ پڙهائي متاثر ٿئي. هاڻ سيارو اچي رهيو آهي، جنهن ۾ پڙهي نه سگهنداسين. شاگردن چيو ته اسان کليل آسمان هيٺ پڙهي رهيا آهيون. ڪجهه ڏينهن اڳ اسڪول جي عمارت زبون هجڻ ڪري ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهنڪري هڪ شاگرد نظام الدين نوحاڻي زخمي ٿي پيو. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسڪول جي عمارت ٺهرائي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button