سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ هوٽل مئنيجر جي قتل ۾ اي ايس آئي جي پٽ سميت 2 گرفتار

لاڙڪاڻي ۾ هوٽل مئنجر نوجوان عبدالمنان شيخ جي قتل ڪيس ۾ اي ايس آئي جي پٽ سميت پوليس ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪري ڇڏي. لاڙڪاڻو پوليس مطابق هوٽل مئنجر نوجوان عبدالمنان شيخ 29 سيپٽمبر 2022 تي هوٽل کان گهر واپس ويندي موبائل ڦر مزاحمت دوران قتل ٿيو، جنهن بعد پوليس ٽريس ڪري دڙي ٿاڻي تي مقرر اي ايس آئي شاهنواز ڀٽو جي پٽ شهزاد ڀٽو سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس مطابق شروعاتي طور هڪ مبينا جوابدار شهزاد علي عرف شازي کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي آهي،. جنهن دوران گرفتار ڏوهاري شهزاد علي عرف شازي ڀٽو پنهنجي ڏوهه قبوليندي چيو ته هوٽل مئنجر عبدالمنان شيخ موبائيل فون ڦر دوران مزاحمت تي ساٿي عبدالقدير جتوئي جي سڌي فائرنگ ۾ قتل ٿيو. جنهن بعد پوليس واقعي ۾ ملوث ٻئي جوابدار عبدالقدير جتوئي کي گرفتاري لا عيوضي ۾ سندس والد تاج محمد جتوئي سميت ٽن مائٽن کي حراست ۾ ورتو. جنهن دوران جوابدار عبدالقدير جتوئي پاڻ پوليس وٽ اچي پيش پيو. ياد رهي ته علي گوهر آباد محلي واسي هوٽل مئنجر عبدالمنان شيخ کي 29 سيپٽمبر تي گهر ويندي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس مقتول جي والد عبدالله شيخ جي فرياد تي علي گوهر آباد ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪرايو هو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر عمران خان بلائينڊ مرڊر ڪيس حل ڪرڻ تي ٽيم کي شاباشي ڏيندي چيو ته جوڙيل ٽيم جديد مهارت سان ٻن جوابدارن جو پتو لڳائي بلائينڊ مرڊر ڪيس حل ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button