سنڌ

زميندارن کي ڪڻڪ جو ٻج مفت ۾ فراهم ڪريو:اي پي سيز

قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي “ٻوڙيل سنڌ، عارضي ۽ مستقل حل” جي عنوان سان آل پارٽيز ڪانفرنسون منعقد ڪيو ويو، ان ڏس ۾ سجاول ۾ پريس ڪلب ۾ اي پي سي ٿي، جنهن ۾ ضلعي آرگنائيزر پنھل سولنگي، اشرف ٻارڻ، ايڊووڪيٽ طارق، ڪامريڊ غلام حسين سولنگي ايس ٽي پي جي جمن سنڌي، جي يو آئي جي مولوي اشرف ميمڻ، شھري اتحاد جي نثار ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪنڌڪوٽ ۾ سجاد بروھي جي صدارت ۾ اي پي سي ٿي، جنهن ۾ ارسلا بھلڪاڻي، جماعت اسلامي، جسقم، جسم، سنڌي ادبي سنگت، ايڇ آر سي پي، مجلس وحدت المسلمين ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ روڊن تي دربدر ٿيندڙ لکين ماڻهو خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. ملڪ ۾ برساتي ٻوڏ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۾ ٿيو آهي، 2 ڪرڙو کان وڌيڪ متاثرين دربدر آھن. ٻوڏ متاثر ڊينگي، مليريا، گيسٽرو، خارش سميت خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي نااهلي، ڪرپشن، بيڊگورننس جي سزا سنڌ جو عوام ڀوڳي رهيو آهي. سنڌ ۾ 14 سالن کان حڪمراني ڪندڙ سنڌ جي عوام کي مصيبت جي گھڙي ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button