سنڌ

وڌيڪ 8628 متاثر گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 26500 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ 1000 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 2000، حيدرآباد ۾ 7000، مٽياري 500، سجاول 1000، لاڙڪاڻو 5000، شڪارپور 800، سکر 3500، سانگهڙ 2200 ۽ ميرپورخاص ۾ 1500 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1528134 خاندانن ۾ راشن بيگس تقسيم ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ موجب وڌيڪ 1500 خيما ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. هاڻي تائين متاثرن کي 603719 خيما، 535317 پلاسٽڪ ترپال، 3140186 مڇردانيون، 800733 ليٽر منرل واٽر، 118123 تيار ٿيل کاڌي جو سامان ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 8628 متاثر رليف ڪيمپن مان پنھنجي گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ھن وقت 265039 متاثر رليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن، جن ۾ 76721 ٻار ۽ 59915 عورتون شامل آهن، جن کي ٻن وقتن جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تازين برساتن جي تباهڪارين سبب 779 قيمتي حياتيون ضايع ٿيون، 8422 ماڻهو زخمي ٿيا. هن چيو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 59300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 49900 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 47500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 37000 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي آمد 86200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 57500 ڪيوسڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button