سنڌ

ڏوڪري مان مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي لائي احتجاج

ڏوڪري مان مبينا اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڏوڪري جي ڳوٺ ڀيڄا جوڻيجو جو رهواسي نوجوان حق نواز جوڻيجو جي بازيابي لاءِ وارثن ڏوڪري ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد نواز، قادر بخش، صبغت الله، امان الله ۽ محمد حنيف جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان کي علي نواز ۽ علي حسن جوڻيجو جي ڌر اغوا ڪيو آهي، جنهن جو اطلاع ٿاڻي تي ڏنو پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، ڏوڪري پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي گم ٿيڻ جو وارثن اطلاع ڏنو آهي، معاملي جي انڪوائري ڊي ايس پي ڏوڪري وٽ هلندڙ آهي، ڊي ايس پي جو چوڻ آهي تہ نوجوان جي گم ٿيڻ واري واقعي جي انڪوائري هلندڙ آهي جلدي معاملي کي حل ڪيو ويندو، هوڏانهن الزام هيٺ آيل نادر جوڻيجو ٻڌايو ته نوجوان جي اغوا جا الزام ڪوڙا آهن، هن ٻڌايو ته اسان جو فريادي ڌر سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن سبب فريادي ڌر اسان جي خلاف هي ڪوڙا الزام هڻي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button