سنڌ

ميرو خان ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرو خان ۾ ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مختلف ڳوٺن جي متاثرن چونڊيل نمائندن ايم پي اي گهنور اسراڻ، ايم اين آفتاب شعبان ميراڻي، اي سي نهيد ميراڻي ۽ مختيارڪار اسلم مگسي خلاف سجاول جوڻيجو چوڪ تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي متاثر زبير تونيو، معروف تونيو، اسد تونيو،گدا حسين چانڊيو، غلام عباس چنجڻي، محمد ابراهيم مگسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 2 مهينا گذرڻ باوجود ڳوٺن ۽ زمينن ۾ پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري فصل ٻڏي ۽ گهر ڊهي تباهه ٿي ويا آهن، اسان کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بکن ۽ بيمارين کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا اسان جي ڪا مالڪي يا مدد ناهي ڪئي. هنن چيو ته اسان اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ۽ چونڊيل نمائندن جي بنگلن جا پنڌ ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي راشن ۽ ٽينٽ ڏيئي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر نهيد ميراڻي چيو ته احتجاج اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جن کي هڪ ڀيرو راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏنو آهي پر ان باوجود احتجاج وسيلي بليڪ ميل ڪري ٻيهر سامان ڏيڻ جو چئي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button