سنڌ

نيو سعيد آباد ۾ هٿياربندن هٿان سروي جماعت جو اڳواڻ قتل

نيو سعيد آباد ۾ سروري جماعت جو اڳواڻ ناليوارو زميندار دلدار احمد ولد محمد ملوڪ ابڙيجو کي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو. وچ شھر ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شھرين ۾ ڀاڄ پئجي ويئي ڪيترن دڪاندارن خوف سبب پنهنجا دڪان بند ڪري ڇڏيا. پوليس لاش تعلقي اسپتال نيوسعيدآباد پھچايو، جتي مقتول زميندار جا وارث وڏي انگ ۾ پهچي ويا. اطلاع تي ايس ايس پي مٽياري ملڪ ڪليم پڻ نيو سعيد آباد پهچي ويو ۽ پنهنجي نگراني ۾ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. جيڪي لاش کي ڳوٺ الياس ابڙيجو کڻائي ويا. ھوڏانھن ايس ايس پي مٽياري نيوسعيدآباد ٿاڻي تي پھچي ھالا نورڪيٽي بٺو ڪيٽي ٿاڻن تان پوليس گھرائي جوابدارن جي گرفتاري لا ڊي ايس پي عطا محمد ڏاھري جي اڳواڻي ۾ ٽيمون مختلف هنڌن ڏانھن روانيون ڪيون. ڊي اڊي ايس پي عطا محمد ڏاھري ۽ ايس ايڇ او امام الدين ڏاھاڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ڳوٺ خدابخش دل ۾ جمالي برادري جي گھرن تي ڇاپا هڻي ٽن ڄڻن شھباز پٽ حاجن جمالي، عبدالله پٽ علي شير جمالي ۽ عذير پٽ ڌگاڻو جمالي کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري نيوسعيدآباد ٿاڻي تي آندو. ان موقعي تي ايس ايس پي ملڪ محمد ڪليم هڪ جوابدار جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو ته جمالي برادري جي جوابدارن دلدار ابڙيجو کي قتل ڪيو آھي جمالي برادري ۽ ابڙيجو برادري وچ ۾ قتل جي واردات بابت شڪ ۽ شھبن تي تڪرار ھلندڙ آھي، لڳي ٿو ته ان معاملي تان دلدار ابڙيجو کي قتل ڪيو ويو آهي، واقعي جي تحقيقات ڪري رھيا آهيون. هن چيو ته قتل جي واردات ۾ ملوث ماڻھو ڪيترا به بااثر ھوندا پر کين گرفتار ڪيو ويندو. لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس ڀاءُ گلشير ابڙيجو ڳوٺ الياس ابڙيجا کڻائي ويو، جنازي نماز بعد مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button