سنڌ

نئون ديرو ۾ ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، پرائمري استاد فوت

نئون ديرو ۾ ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب پرائمري استاد محمد عرس ميمڻ فوت ٿي ويو. نئون ديرو جي غريب آباد محلي جو رهواسي پرائمري استاد محمد عرس ميمڻ باءِ پاس روڊ تي ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جيڪو لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ۾ زخمن سان سور نه سھندي وفات ڪري ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته محمد عرس ميمڻ پنھنجي نياڻي کي ڪاليج مان وٺي گهر اڇي رھيو ھو ته دستگير ڪالوني مان شگر مل ڀرسان کيس ڪار ٽڪر ھنيو، جنھن سبب سندس نياڻي معمولي زخمي ٿي پئي، جڏھن ته محمد عرس ميمڻ کي نئون ديرو اسپتال آڻڻ بعد لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. پوليس ڪار ڊرائيور عبدالستار مھر کي لاڪپ ڪري ڪار حراست ۾ وٺي ڇڏي. استاد محمد عرس ميمڻ انتھائي قابل ۽ فرض شناس ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ ھو. استاد جو مڙهه گهر پھچڻ تي قھرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button