سنڌ

بي آر ٽي ريڊ لائن ڪراچي جو اهم ترين پراجيڪٽ آهي: شرجيل انعام ميمڻ

صوبائي وزير ٽرانسپورٽ، اطلاعات ۽ چيئرمين ٽرانس ڪراچي بورڊ آف ڊائريڪٽرز شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ بورڊ جو 20هون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ريٽائرڊ) الطاف حسين ساريو، سي اي او ٽرانس ڪراچي واصف اجلال، شمائل سڪندر، رخسانه راهوجا، محمد اقبال لالاڻي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بورڊ جي 19 هين اجلاس جي منٽس جي منظوري، بورڊ ۾ ٽي نوان ميمبر شامل ڪرڻ ۽ بورڊ جي ذيلي ڪاميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏھن ته نامي نيشن ڪاميٽي، فنانس ڪاميٽي ۽ پروڪيورمنٽ ڪاميٽي جي منظوري ايندڙ اجلاس تائين موخر ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ بورڊ جي ساليانو جرنل اجلاس 13 نومبر تي طلب ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ جي جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي صوبائي وزير ۽ چيئرمين شرجيل انعام ميمڻ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي پروجيڪٽ جي روٽ تي يوٽيلٽي انسٽاليشن جي منتقلي لاءِ لاڳاپيل ادارن سان روزانه جي بنياد تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ ڪراچي جو اهم ترين پروجيڪٽ آهي. پروجيڪٽ ماڊل ڪالوني، ملير ڪينٽ، صفورا چورنگي، يونيورسٽي روڊ، سوڪ سينٽر، جيل چورنگي ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي مسافرن کي نمائش چورنگي تي گرين لائن سان انٽيگريڊ ڪندو. هن چيو ته پروجيڪٽ جي لاٽ ون ماڊل ڪالوني ٽينڪ چوڪ کان موسميات تائين آهي. ملير هالٽ تي بس ڊيپو جي تعمير لاءِ زمين جو ڪنٽرول ڏئي ڇڏيو آهي. ٽيپو سلطان ۽ ريس ڪورس بس اسٽيشنز جي تعمير جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، لاٽ ون ۾ ٽيپو سلطان انڊر پاس ۽ ريس ڪورس انڊر پاس جي تعمير پڻ شروع ڪئي وئي آهي، صوبائي وزير چيو ته موسميات کان نمائش چورنگي تي ٻڌل لاٽ ٽو ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي ۽ شيخ زائد بس اسٽيشن جي تعمير جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪراچي جي شھرين کي ٽرانسپورٽ جون جديد ۽ آرام ده سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ھن چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ جي وقت تي مڪمل يقيني بڻائڻ لاءِ سموريون رڪاوٽيون ختم ڪيون وڃن. پروجيڪٽ ۾ دير ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پروجيڪٽ لاءِ بايو گيس پلانٽ جي تعمير لاءِ لانڍي ۾ زمين ٽرانس ڪراچي جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ گيس پلانٽ جي تعمير لاءِ ٽينڊر جلد کان جلد جاري ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button