سنڌ

منڇر کي ڊيم جي صورت ڏئي 2 ڪئنال ڪڍڻ جي تجويز

سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڄامشورو ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف داخل 5 پٽيشنز جي شنوائي ٿي. شنوائي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو ڪئي. عدالت چيو ته انتظاميه ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊر ٻڌائين ته پاڻي منڇر مان ڪيئن نيڪال ڪجي. جنهن لا عدالت ۾ هڪ ڪلاڪ لا شنوائي ملتوي ڪئي وئي. جنهن لا 12 نقطن تي ٻڌل مستقل حل عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته آبپاشي کاتو جلد منڇر جا ڪٽ بند ڪري مستقبل ۾ پاڻي جي نيڪالي لا منڇر ڍنڍ جي سروي ڪندو. منڇر کان سنڌو درياهه تائين 50 کان 70 هزار ڪيوسڪ جا 2 ڪئنال کوٽيا وڃن. منڇر کي ڊيم جي صورت ڏئي ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال جو نظام ٺاهيو وڃي. ٻين ڪئنالن ۾ پاڻي جي گنجائش کي وڌايو وڃي. واپڊا گاج ڊيم جو ڪم مڪمل ڪري، اين ايڇ اي مستقبل ۾ نوان منصوبا شروع ڪري ته روڊ جي اوچائي وڌائي وڃي. پاڻي جي نيڪالي لا پل تعمير ڪيا وڃن. ڄامشورو ضلعي ۾ ميونسپل ڪميٽيون ۽ يونين ڪائونسل عوام کي صاف پاڻي ڏئي مڇرن لا اسپري ڪن، راشن ڏئي ٻوڏ متاثرن جي واپسي لا ٽرانسپورٽ ڏني وڃي. عدالت اسپري ڪرائڻ ۽ عوام کي سهولت ڏيڻ جو حڪم ڏيندي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button