سنڌ

لاڙڪاڻي ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ 400 خاندانن کي گهرن ڏانهن موڪليو ويو

لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم اندر قائم ٽينٽ سٽي ۾ رهائش پذير ٻوڏ متاثر 400 سئو خاندانن کي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو جي نگراني ۾ راشن ۽ مهارا ڏئي پنهنجي ماڳن ڏانهن روانو ڪيو ويو. ان موقعي تي اي سي احمد علي سومرو چيو ته ٻوڏ متاثرن جي رهائش لاءِ ميونسپل اسٽيڊيم ۾ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي کي اڄ مڪمل طور تي خالي ڪرايو ويو آهي، ٽينٽ سٽي ۾ لاڙڪاڻي، دادو، قمبر شهدادڪوٽ سميت بلوچستان جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ 400 سئو خاندانن کي راشن، مهارا ڏيڻ سان گڏ ڪجھه متاثرن کي ٽرانسپورٽ جو خرچ ڏئي پنهنجي ماڳن ڏانهن روانو ڪيو آهي. هن چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل متاثرن اسان وٽ پهچي پنهنجي پنهنجي علائقن ڏانهن واپس وڃڻ جو چيو جنهن تي اڄ کين راشن، مڇردانيون ۽ ٽرانسپورٽ جو خرچ ڏئي روانو ڪيو آهي، هن وقت حالات به بهتر ٿيندا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button