سنڌ

”تحفظ ڏنو وڃي“ راولپنڊي واسڻ جو مڙس سميت احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ راولپنڊي جي رهواسڻ عورت صائمه دادو تعلقي جي ڳوٺ دريشاڻي پنهور واسي ٽيڪسي ڊرائيور نوجوان سعيد احمد پنهور سان پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت صائمه پنهور پنهنجي ٽئڪسي ڊرائيور مڙس سان گڏجي دانهيو ته اصل راولپنڊي جي آهيان ڪجهه سال اڳ منهنجي شادي حيدرآباد واسي عنايت علي پنهور سان ٿي هئي جنهن مان مون کي 3 پٽن ۽ 2 نياڻين جي اولاد آهي. هن الزام لڳايو ته مڙس شادي بعد مسلسل تشدد جو نشانو بڻائيندو هو جنهن 6 مهينا اڳ طلاق ڏئي ٻار کسي ورتا. هن چيو ته طلاق بعد منهنجو واسطو سعيد احمد سان ٿيو جيڪو دادو کان حيدرآباد ٽيڪسي هلائيندو هو ۽ اسان هڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳاسين جنهن ڪري ڪالهه مون پنهنجي مرضي سان گهران نڪري سعيد سان لاڙڪاڻي جي ڪورٽ معرفت پسند جو پرڻو ڪيو جنهن ڳالهه تان اڳوڻو مڙس عنايت پنهور سندس ڀاءُ سڪندر ۽ پوليس اهلڪار ڀائيٽو بلاول پنهور مون کي مڙس سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان جان جو خطرو آهي. منهنجي وس وارن کي اپيل آهي ته مڙس سميت تحفظ ڏيئي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button