سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ راضيديرو واسڻ جو ٻارڙن سميت مڙس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ خيرپور جي ڳوٺ راضي ديرو جي رهواسڻ عورت پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي بااثر مڙس ۽ ٻين مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت شهزادي خاتون لاشاري معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجو مڙس غلام اصغر لاشاري ۽ سندس مائٽ گلشير، دوست محمد، غلام رسول، مراد، سهراب لاشاري ۽ ٻيا مون مٿان ڪارنهن جو الزام لڳائي قتل ڪرڻ چاهين پيا، جنهن سبب 20 ڏانهن اڳ پنهنجي معصوم ٻارڙن کي ساڻ ڪري سر بچائي گهران نڪتي آهيان، هن وقت لاڙڪاڻي جي مختلف درگاهن تي رهان پئي. هن چيو ته مون سميت معصوم ٻارڙن کي مڙس ۽ سندس مائٽن مان جان جو خطرو آهي، جنهن لاءِ ڊي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي مڙس غلام اصغر لاشاري ۽ سندس مائٽن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button