سنڌ

هنرمند عورتن جي ڪاروبار لا پليٽفارم جوڙيو آهي:شاهده ٽالپر

حيدرآباد ۾ مختلف ڪاروبار ڪندڙ عورتن پاران قائم ڪيل وومين چيمبر آف ڪامرس انڊسٽريز جي اڳواڻ عورتن صدر شاهده ٽالپر، صدف رضا، روزينه ميمڻ ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ عورتن جو ڪاروبار آهي، جنهنڪري هڪ سال اڳ چيمبر قائم ڪيو هو، جنهن کي هاڻ صنعت ۽ تجارت جي وزارت لائسنس جاري ڪيو آهي، جيڪو هڪ بهتر عمل آهي. هنن چيو ته حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ عورتون هنر، چوڙي، ڪپڙي سميت ٻيو ڪم ڪار ڪنديون آهن، جن کي هڪ گڏيل پليٽفارم نه هو ته منافعي خور مڊل مين کين گهٽ اجرت ڏيندا هئا ۽ ڪاروبار کي هٿي به نه ملي هئي، جڏهن ته هاڻ هو وومين چيمبر آف ڪامرس انڊسٽريز جو حصو ٿي پاڻ پنهنجو پراڊڪٽ وڪرو ڪري سگهن ٿيون، جنهن تحت نه صرف سندن ڪاروبار کي هٿي ملندي پر مڊل مين نه هئڻ ڪري منافعي ۾ پڻ اضافو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button