سنڌ

رستم جي ڪچي ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙي جو زخمي همراهه فوت

رستم جي ڪچي ۾ سولنگي ۽ عطراڻي ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل منظور عطراڻي سکر اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏيئي ڇڏيو. ڌرين ٻيهر هڪٻئي تي حملا ڪيا، سولنگي ڌر جا وڌيڪ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شڪارپور ضلعي جي رستم جي ڪچي واري علائقي جي آباد ميلاڻي ايٽ محمدآباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦوساباد ۾ عطراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان ٿيل جهيڙي ۾ ماٺار نه اچي سگهي. گذريل ڏينهن جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل منظور عطراڻي زخمن جا سور نه سهندي سکر اسپتال ۾ دم ڏيئي ڇڏيو. واقعي بعد عطراڻي برادري جي هٿياربندن سولنگي برادري جي گهرن مٿان حملو ڪري ڏنو، ٻنهي ڌرين جي فائرنگ ۾ سولنگي ڌر جو بهاول سولنگي ۽ علي حسن سولنگي زخمي ٿي پيا. جڏهن ته گذريل ڏينهن عطراڻي ڌر جا 2 ڄڻا منظور عطراڻي ۽ پرويز عطراڻي زخمي ٿيا هئا ۽ سولنگي ڌر جا ٽي ڄڻا زخمي ٿيا هئا. منظور عطراڻي جي فوت ٿيڻ کانپو سولنگي ڌر جا 10 خاندان گهر ڇڏي لڏ پلاڻ ڪري ٻئي هنڌ هليا ويا. جڏهن ته پوليس جهيڙي کي روڪڻ لا بڪتربند گاڏيون بيهاري پڪٽون قائم ڪري ڇڏيون. ٻئي طرف ٻئي ڌريون مورچابند ٿيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button