سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ توڙي وفاقي حڪومت ٻوڏ ستايل ماڻھن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آھي. سيد زين شاهه ۽ اعجاز ساميٽو ڪراچي ۾ 16 آڪٽوبر تي اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ ڌاٻيجي ۾ مختلف برادري جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون. مدينا ڪالوني، ماڊل ڪالوني ۾ گوهر پنهور، وارث جوڻيجو جي اوطاق تي آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ سبب لکين ماڻھو بي يارومددگار آھن. ايتري تباهي ٻوڏ سبب نه ٿي جيتري تباهي ڪٽ ھڻي ڪري ڪئي وئي. هن وقت ط سنڌ حڪومت ٻاهرين ملڪن مان امداد وٺي پنهجا ڀڀ ڀري رهي آھي. هاڻي قوم سجاڳ ٿي چڪي آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close