سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي رحمت پور لطيف ڪالوني جي رهواسين زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عنايت حسين ڪولاچي پنهنجي ڀاءُ شفقت، پٽ اسد الله، ڀاڻيجن عامر علي، جنيد ڪولاچي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته قمبر تعلقي جي ڳوٺ مهي مڪول ۾ سال 2020ع دوران مان پنهنجي 8 جريب زمين زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي پروفيسر غلام نبي سوهو کي 11 لک عيوض ڏيڍ سال لاءِ ٺيڪي تي ڏني هئي، جنهن بعد ننڍي ڀاءُ شفقت پڻ 5 ايڪڙ 8 ويسا زمين ساڳئي پروفيسر کي 16 لک عيوض ٻن سالن لاءِ ٺيڪي تي ڏني، جيڪا زمين مقرر ٿيل وقت تائين غلام نبي سوهو کڻندو رهيو. هن الزام لڳايو ته هلندڙ سال مئي ۾ اسان ڀائرن ورتل رقم واپس ڪري ڇڏي پر ان باوجود هو زمين تي قبضو ڪري اسان مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪرائڻ سان گڏ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن مان جاني خطرو آهي. اسان گذريل مئي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وڏي وزير، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پروفيسر خلاف ڪاروائي ڪري زمين تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button