سنڌ

ڳڙهي خيرو ۾ آئي بي اي اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

ڳڙهي خيرو جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس نوجوانن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڊي اِي او پرائمري آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اميدوار عاشق علي کوسو، ظفر الله ٻٻر، سيد ابرار شاهه دانهيندي چيو ته ڳڙهي خيرو جي پي ايس ٽي سيٽن جو انگ 84 آهي پر تعليم کاتي پاران صرف 14 سيٽون ظاهر ڪيون ويون آهن. هنن چيو ته ڳڙهي خيرو تعلقو پٺتي پيل علائقو آهي ان باوجود به 150 نوجوانن ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، تعليم کاتي جي عملدارن پاران ميرٽ تي سيٽون ڏيڻ بدران پي ايس ٽي جون سيٽون لڪائي ڇڏيون آهن جيڪا آءِ بي اي ٽيسٽ پاس نوجوانن سان ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ نوجوانن کي آفر آرڊر جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button