سنڌ

بخشاپور مان اغوا ٿيل ٻن پورهيتن کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي

بخشاپور پوليس 26 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن پورھيتن کي بازياب نه ڪرائي سگهي. مغوي نوجوان گل محمد ملڪ جي وارثن نادر ملڪ، گل حسن ملڪ ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته 26 ڏينهن گذري ويا پر اسان جا اغوا ٿيل نوجوان گل محمد ۽ پپو ملڪ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.بخشاپور ۽ ڪشمور ٿاڻي سميت ايس ايس پي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر اسان جي ڪير به فرياد ٻڌڻ وارو ناهي. هنن چيو ته مغوين کي 26 ڏينهن گذري ويا پر ڪو چونڊيل نمائندو يا عملدار همدردي خاطر به لڙي نه آيو آهي. هنن چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button