سنڌ

تنگواڻي ۾ جهيڙي ڪيس ۾ 22 جوابدارن کي 37 لک ڏنڊ جي سزا

تنگواڻي جي سول ڪورٽ جهيڙي ڪيس ۾ 22 جوابدارن کي 37 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. تنگواڻي جي سول جج منور علي پيرزادو جهيڙي جي ڪيس ۾ بهلڪاڻي برادري جي 22 ڄڻن کي مجموعي طور 37 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جنهن بعد تنگواڻي پوليس پٺاڻ بهلڪاڻي، جمعو بهلڪاڻي، عزيز الله، گهرام بهلڪاڻي، عظيم، شهمراد، خميسو بهلڪاڻي، منظور، سينگار بهلڪاڻي، عبدالحميد، خيرجان، راڻو بهلڪاڻي سميت 22 ڄڻن کي گرفتارڪري ڪنڌڪوٽ جيل موڪلي ڇڏيو. 6 مهينا اڳ ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو، ڪيس تنگواڻي ٿاڻي تي داخل ٿيل هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button