سنڌ

وقار خشڪ چيني ڊاڪٽر تي حملي ۾ ملوث آهي:سنڌ حڪومت ترجمان

سنڌ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ڳجھي اطلاع تي حساس ادارن جي سهڪار سان ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪندي صدر جي علائقي ۾ ايڇ يو ڊينٽل ڪلينڪ تي حملي ۾ ملوث سنڌ ريوليوشن آرمي سان تعلق رکندڙ دهشتگرد وقار خشڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار کان واقعي ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل به هٿ ڪري ورتي آهي. صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جمعي ڏينهن ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ، ايس ايس پي انويسٽيگيشن سيد فدا حسين شاهه، انچارج سي ٽي ڊي مظهر مشواڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دهشتگرد تنظيم سنڌ ريووليوشن آرمي/سنڌ پيپلز آرمي جي دهشتگردن ايڇ يو ڊينٽل ڪلينڪ صدر کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ شخص رونالڊ رائيمنڊ چائو مارجي ويو. دهشتگرد تنظيم جو نشانو ڊاڪٽر رچرڊ هونو پاؤ ۽ سندس زال فين ٽين پاو هئا، جيڪي ان ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ۾ زخمي ٿيا هئا. صوبائي وزير چيو ته سي ٽي ڊي سنڌ ڳجهن ادارن جي مدد سان دهشتگردن جي فٽ پرنٽ جو جائزو وٺي تعاقب جاري رکيو، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ جسماني بيهڪ جي مدد سان دهشتگرد جي ٽارگيٽيڊ آپريشن جي ايڇ يو ڊينٽل ڪلينڪ ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جي جاچ ڪئي وئي. تقريبن 100 کان وڌيڪ ڪيمرائن جي مدد ورتي .هن چيو ته جديد ٽيڪنالوجي ۽ مخبرن جي مدد سان جوابدارن تائين رسائي حاصل ڪئي وئي ۽ جوابدار وقار خشڪ کي سي ٽي ڊي ڪامياب ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪري ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جوابدار جو تعلق ايس آر اي جي ماتحت تنظيم سنڌ پيپلز آرمي سان آهي. سي ٽي ڊي موجب جوابدار اصغر علي شاهه عرف سائين ۽ ذوالفقار خاصخيلي عرف سفير سان رابطي ۾ هو. جوابدار کي ذوالفقار خاصخيلي اهو ٽارگيٽ ڏنو. هن چيو ته جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ حساس ادارا ۽ سي ٽي ڊي ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن. جڏهن ته گرفتار ٿيل جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ٻين ٿاڻن کان جوابدار جي باري ۾ تصديق ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هي ملڪ دشمن عنصرن لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ آسان ٽارگيٽ ناهي، هو وقتي طور پنهنجي ڪاررواين ۾ ڪامياب ته ٿي سگهن ٿا پر سندن انجام خراب ٿيندو. هن چيو ته مان سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن کي شاباش ڏيان ٿو ته انهن دهشتگردي جي هڪ ٻئي واقعي ۾ ملوث جوابدار کي ڳولي گرفتار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير صدر ۾ ڊينٽل ڪلينڪ جي افسوسناڪ واقعي جو نوٽيس ورتو هو ۽ سي ٽي ڊي کي معاملي کي حل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو هو. هن چيو ته سي ٽي ڊي پاڪستان جي حساس ادارن جي مدد سان مختصر وقت ۾ اهو ڪيس حل ڪيو آهي. هن چيو ته سي ٽي ڊي ۽ سنڌ پوليس سنڌ ۾ دهشتگردي جي سمورن وڏن واقعن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سي ٽي ڊي ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي، صدر بم ڌماڪي، کارادر بم ڌماڪي، صفوران سانحي ۽ مشهور قوال امجد صابري شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مقابلي ۾ داعش جا ٻه دهشتگرد به مارجي ويا هئا. هن چيو ته دهشتگردن جو نشانو هڪ فرد نه پر پاڪستان آهي. انهن جو مقصد خوف وارو ماحول پيدا ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ ترقياتي منصوبن کي روڪڻ آهي. هن چيو ته ملڪ مخالف ماڻهو اسان جي معصوم ماڻهن کي استعمال ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ چيو ته جوابدار وقار خشڪ مسنگ پرسن جي احتجاج ۾ حصو وٺندو رھيو آھي. بعد ۾ گروپ جي اڳواڻ اصغر علي شاهه سان رابطو ۾ آيو. هن چيو ته بي ايل اي، ايس آر اي ۽ ٻيون تنظيمون گڏجي دهشتگردي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ پوليس محنت ڪري رهي آهي جيئن دهشتگردي تي ضابطو آندو ويو آهي، اهڙي ريت ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي به ڪنٽرول ڪيو ويندو. هن چيو ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي دور ۾وٽنيس پروٽيڪشن ايڪٽ ٺاهيو ويو. شهري ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرائين ۽ گواهي لاءِ پوليس سان تعاون ڪن. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس کين وٽنيس پروٽيڪشن ايڪٽ تحت تحفظ فراهم ڪندي. هٿيارن جي لائسنس بابت سوال تي هن چيو ته سيڪيورٽي لاءِ قانون موجب شهرين کي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪيا ويندا آهن، ان ۾ ڪو به حرج ناهي. جيڪڏهن ڪو شهري پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي حفاظت لاءِ لائسنس وٺي ٿو ته اهو ان جو حق آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير يا وزيرن وٽ لائسنس جي ڪا به ڪوٽا ناهي هوندي. جيڪڏهن ڪنهن وزير کي لائسنس جي ضرورت پوندي آهي، ته هو ساڳئي طريقي سان هٿيارن جي لائسنس لا اهو ئي طريقو اختيار ڪندو آهي جيڪو هڪ عام شهري اختيار ڪندو آهي. عمران خان جي ڪراچي دوري بابت سوال تي هن چيو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس دهشتگردن جي گرفتاري تائين محدود هجڻ گهرجي، هو عمران خان بابت ڳالهائڻ نٿو چاهي. هن چيو ته عمران خان به اهو ئي ڪري رهيو آهي جيڪو سنڌ ريووليشن آرمي، سنڌ پيپلز آرمي يا بي ايل اي ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون ڪري رهيون آهن. ٻنهي جو طريقو مختلف آهي، ٻنهي جو مقصد پاڪستان کي نشانو بڻائڻ ۽ ملڪ کي بدنام ڪرڻ آهي. دهشتگرد تنظيمون هٿيارن ذريعي اهو ڪم ڪري رهيون آهن جڏهن ته عمران خان پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم ذريعي ڪري رهيو آهي. ان سوال تي ته عمران خان کي ملڪ کي بدنام ڪرڻ کان ڪير روڪيندو. هن چيو ته لاڳاپيل ادارن کي اهو ڪم ڪرڻ گهرجي پر جيڪڏهن اهو مينڊيٽ سي ٽي ڊي سنڌ کي ڏنو وڃي ته پوءِ هو اهو ڪم بهتر نموني سرانجام ڏئي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button