سنڌ

جيل جي سختين باوجود راشد رباني جو حوصلو بلند هو:بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي اڳواڻ راشد رباني مرحوم جي ٻي ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان مطابق پ پ چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته راشد رباني مرحوم هڪ مثالي اڻٿڪ جيالو هو، جنهن جي زندگي جو محور ۽ مرڪز پاڪستان پيپلز پارٽي هئي. هن چيو ته راشد رباني مرحوم سياسي جدوجهد دوران جيل جون سختيون برداشت ڪيون پر سندس حوصلو هميشه بلند رهيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارٽي قيادت ۽ جيالن جي دلين ۾ راشد رباني مرحوم هميشه زنده رهندو. پ پ چيئرمين چيو ته پارٽي عهديدار ۽ ڪارڪن اڄ پنهنجي عظيم ساٿي جي ايصال ثواب لاءِ کيس پنهنجي دعائن ۾ ياد رکن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button