سنڌ

جعفر آباد ۾ ٻوڏ متاثرن جو راشن ۽ ٽينٽ نه ملڻ خلاف مظاهرو

جعفرآباد ۾ محبت شاخ جي يوسي سمون ٻٻر جمالي، رن پٽياڻي جي ٻوڏ متاثر مير نظام جمالي، سيد غلام علي شاهه، محمد رفيق رند، نورمحمد پندراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي محبت شاخ پل تي اوستا حمد-ڊيرا الهيار روڊ تي ڌرڻو هنيو. هنن دانهيندي چيو ته اسان جي علائقي کي غلط پلاننگ سبب ٻوڙيو ويو آهي ۽ اسان جي علائقن جي ٻوڏ متاثرن کي ٽينٽ، راشن ۽ ٻيو سامان ضلعي انتظاميا ۽ اين جي اوز پاران ڏنو ويو آهي پر اسان جي علائقي جي ٻوڏ متاثرن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آهي. هنن چوڻ هو ته اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته ضلعي انتظاميا خلاف احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button