پاڪستانسنڌ

ڪنري سب ڊويزن ۾ پاڻي جي کُوٽ خلاف آبادگارن جو ميرپورخاص ۾ ڌرڻو

ميرپورخاص: ڪنري سب ڊويزن جي راهمور شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي آبپاشي عملي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن محمد اڪرم لغاري، نياز محمد گجر، عبدالمجيد، اسماعيل گشڪوري، وقار جٽ ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته برساتن بعد سندن شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب انسان توڙي جانور پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن. هنن الزام هڻندي چيو ته منڍ ۾ آبپاشي عملدار رشوت عيوض بااثرن جي واٽر ڪورسن مان پائيپن ذريعي پاڻي چوري ڪرائين پيا، اسان جون زمينون سڪي بنجي بڻجي ويون آهن، ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي نه ڪري سگهيا آهيون، پڇڙي جا سوين آبادگار توڙي هاري سخت معاشي بحران ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، آبادگار ۽ هاري ڪاٺيون وڪڻي پيٽ گذر ڪرڻ تي مجبور آهن، ايس ڊي او آبپاشي ڪنري جي آفيس کي تالا لڳل آهن، داروغو اسان جي ٻڌڻ لا تيار نه آهي، مجبور ٿي هتي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي آفيس پهتاسين ته هتي به آفيس کي تالو لڳل آهي. هنن چيو ته اسان ظلم آهي، شاخ جي منڍ ۾ سئو سيڪڙو آبادي آهي، پر پڇڙي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي. هنن وڏي وزير، صوبائي وزير آبپاشي ۽ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کان مطالبو ڪيو ته منڍ ۾ پاڻي وڪرو ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري فوري طور شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي پهچايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڊائريڪٽر جي آفيس اڳيان مرڻ گهڻي تائين بک هڙتال ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button