سنڌ

وڏي وزير گهوٽڪي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وڏي وزير مراد علي شاهه پوليس آفيسرز ۽ جوانن جي شهادت بعد گهوٽڪي جي ڪچي ۾ آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، مراد علي شاہه آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آھي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ڌاڙيلن کي هر حال ۾ گرفتار ڪيو وڃي، پوليس مٿان حملا برداشت ڪرڻ جوڳا نه آهن. مراد علي شاهه جو چوڻ ھو ته امن امان لاءِ سنڌ پوليس جون قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون، وڏي وزير شهيد آفيسرز ۽ جوانن جي خاندانن سان ڏک جو اظهار ڪيو آھي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آھي. آصف زرداري چيو آهي ته سنڌ پوليس جي آفيسرز ۽ جوانن کي شهيد ڪندڙ ڌاڙيل سزا جا مستحق آهن، کين ڪنهن به صورت ۾ معاف نٿو ڪري سگهجي، سنڌ پوليس جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيدن جي خاندانن سان ڏک جي گهڙيءَ ۾ گڏ آهيون، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سنڌ پوليس جون قربانيون بي مثال آهن، يقين آهي ته شهادتن ۾ ملوث ڌاڙيلن کي منطقي انجام تي پهچايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button