سنڌ

حيدرآباد ۾ اغوا ڄاڻايل چندا مهاراج جي بازيابي لا مظاهرو

حيدرآباد جي علائقي فتح چوڪ ڀرسان جي رهواسي هندو برادري جي ماڻهن اغوا ڄاڻايل چندا مهاراج جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي چندا مهاراج جي ما امري، ڀيڻ سونا، ڀيڻ ڀاڳوتي ۽ ٻين چيو ته اڍائي مهينا اڳ فتح چوڪ وٽان شمن مگسي 16 سالن جي نياڻي چندا مهاراج کي اغوا ڪري زبردستي شادي ڪئي آهي. هنن چيو ته ڪورٽ سڳوري چندا جو ميڊيڪل ڪرڻ جو چيو هو، جنهن جي رپورٽ پڻ اچي وئي آهي، جنهن ۾ چندا مهاراج نابالغ آهي، جنهن کانپو کيس دارالامان موڪليو ويو آهي. هنن چيو ته نياڻي نابالغ آهي، شمن مگسي کيس اغوا ڪري زبردستي شادي ڪئي آهي. هنن اپيل ڪئي ته انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button