سنڌ

سنڌ يونيورسٽي ۾ انٽري ٽيسٽ،سهولتن جي کوٽ جون دانهون

سنڌ يونيورسٽي ۾ نئين تعليمي سال تحت مختلف بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لا انٽري ٽيسٽ جي ٻي مرحلي ۾ 3355 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 11997 اميدوارن جي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اميدوارن پاڻي جون بوتلون، بال پين ۽ بسڪيٽن سميت بنيادي سهولتن جي کوٽ بابت دانهون ڪيون. استادن جي کوٽ سبب ٽيسٽ دوران اميدوارن کان پيپر ڪلارڪن، پٽيوالن ۽ چوڪيدارن وٺي جمع ڪرايا. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2023ع تحت 70 کان وڌيڪ مختلف بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿي ويو. ٻي مرحلي جي انٽري ٽيسٽ ۾ 3355 شاگردياڻين ۽ 8225 شاگردن سميت مجموعي طور 11580 اميدوارن 10 هزار جي لڳ ڀڳ سيٽن لاءِ حصو ورتو. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئمپس جو دؤرو ڪري امتحاني عمل جو جائزو ورتو. وي سي جي دوري دوران رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، احسان الله شاهه راشدي، پروفيسر سعيد احمد منگي، ڊاڪٽر يونس لغاري، عبدالمجيد پنهور، امر سنڌو، ڊاڪٽر رابعه، اسما ميمڻ ۽ ٻيا گڏ هئا. ٽيسٽ صبح جو 10 وڳي شروع ٿي، جيڪا 90 منٽن تائين جاري رهي. ٽيسٽ لاءِ 3355 شاگردياڻين لاءِ مائيڪرو بائلاجي، بايو ڪئمسٽري، بايو ٽيڪنالاجي اينڊ جينيٽڪ انجنيئرنگ، ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۾ الڳ امتحاني بلاڪ قائم ڪيا ويا، جڏهن ته 8225 شاگردن لاءِ آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ، ڊپارٽمينٽ آف زولاجي، فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزڪس ۾ امتحاني هال قائم ڪيا ويا. ان کان سواءِ 30 آڪٽوبر تي ٽيسٽ جي پهرئين مرحلي ۾ غير حاضر ٿيل 85 ڇوڪرين ۽ 223 ڇوڪرن سميت مجموعي طور 308 اميدوارن لاءِ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ۾ الڳ الڳ امتحاني هال قائم ڪيا ويا.بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ جي ٻي مرحلي ۾ سنڌ جي 10 ضلعن ڄامشورو، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري، ٺٽو ۽ سجاول جي 11580 اميدوارن تقريبن 10 هزار سيٽن تي داخلائن لاءِ ٽيسٽ ڏني. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته انٽري ٽيسٽ جي ٻنهي مرحلن کي بهترين انداز ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون، جن ۾ پروفيسرن ۽ آفيسرن کي شامل ڪيو ويو، بهترين ڪارڪردگي سبب ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي اسڪالرشپس جي مد ۾ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ورهائي چڪا آهيون. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. انهي سينٽر ذريعي سنڌ يونيورسٽي جي فريش گريجوئيٽس کي تربيت ڏيئي ڪاروبار طرف مائل ڪيو ويندو. هن چيو ته نوجوانن کي اعليٰ تعليم پرائڻ بعد سرڪاري نوڪرين طرف واجهائڻ بدران ٽيڪنالاجي ذريعي پنهنجا ڪاروبار شروع ڪرڻ گهرجن، جن ذريعي هو ڪروڙ پتي ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ٻن مرحلن ۾ ٽيسٽ منعقد ڪرڻ سان خرچن ۾ گھٽتائي آئي ۽ گھڻي رش نه ٿيڻ سبب اميدوارن کي پريشاني جو به منهن ڏسڻو نه پيو. ھن چيو ته سنڌ ۾ تازو ٻوڏ جي تباهين باوجود گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھيل وڌيڪ اميدوارن داخلا لاءِ درخواستون جمع ڪرايون، جيڪو حقيقت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وڌندڙ ساک تي اعتماد جو اظھار آھي. ھن چيو ته تعليمي سال 2023ع لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 20413 بيچلر ۽ 3085 ماسٽر پروگرامز سميت مجموعي طور 23513 اميدوارن فارم ڀرايا، جيڪو وڏو تعداد آهي، جڏهن ته صوبي جي باقي يونيورسٽين ۾ داخلائن لاءِ درخواستون ڏيندڙن جو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽيو آهي. هن چيو ته ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران 2015ع کان ھيل تائين يونيورسٽي جي بجيٽ ۾ ھڪ رپئي جي واڌ ناھي ڪئي ويئي، جنھن سبب يونيورسٽي بحران جو شڪار آهي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ يونيورسٽي جي بجيٽ ۾ گذريل ٻن ٽن سالن دوران ضرور واڌ ڪئي آھي، پر اداري کي ھڪ ارب رپين جي سالياني بجيٽ جي کوٽ سبب وڌيڪ فنڊن جي ضرورت آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button