قمبر ۾ پاڪستان تحريڪ پاران انصاف هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهدا چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سردار محمد علي خان ھڪڙو، عاقل خان چانڊيو، ناھيد کھاوڙ، صدام گوپانگ، فدا ٻگھيو ۽ ٻين چيو ته پي ٽي آئي ورڪرن ۽ اڳواڻن خلاف انتقامي ڪارروائي اعظم سواتي سان ٿيل ناجائزي وڊيو وائرل ڪرڻ ۽ گرفتارين سميت عمران خان تي ٿيل حملي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ انصاف جو جنازو ڪڍڻ برابر آهي. ملڪ ۾ فورن اليڪشن ڪرائي عمران خان طرفان کنيل نالا ڪيس ۾ داخل ڪري اعلى سطحي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close