لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت گيس چوري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 50 هزار ڏنڊ جي سزا ۽ سوئي گيس انتظاميه کي مالي نقصان جي مد ۾ 7 لک 11 هزار 200 ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شرف الدين شاهه جي عدالت ۾ الهه آباد ٿاڻي تي خانگي گهر ۾ غيرقانوني سوئي گيس جو ڪنيڪشن لڳائي اتي برياني جون ديڳون ۽ ڪچوري ٺاهڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ٿيڻ ٿيڻ تي جوابدار امام الدين تونيو کي 50 هزار ڏنڊ جي سزا ۽ سوئي گيس انتظاميه کي مالي نقصان جي مد ۾ 7 لک 11 هزار 200 ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا جيل ڪاٽيندو. ان حوالي سان سوئي سدرن گيس ڪمپني لاڙڪاڻو جي ريجنل لا آفيسر ايڊوڪيٽ محمد رمضان چانڊيو ٻڌايو ته گذريل 28 مئي تي ڊپٽي مئنيجر سوئي سدرن گيس ڪمپني لاڙڪاڻو ۽ ريڊ ڪمشنر فضل محمد جمالي شهر جي ابوبڪر قبرستان ڀرسان هڪ گهر ٻاهران ڊائريڪٽ گيس چوري جي اطلاع تي ڇاپو هنيو جتي جوابدار ڪيتري ئي عرصي کان پنهنجي پاڪستاني چوڪ تي قائم ماشا الله برياني ۽ ڪچوري واري دڪان تي وڪرو ڪندو هو، جنهن مٿان ريڊ ڪمشنر فضل محمد جمالي جي فرياد تي گناھه نمبر 47/2022 گيس ڪنٽرول اينڊ رڪوري تحت اهڙو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو هو، 18 ڏينهن جيل ۾ هو ۽ هن بعد ۾ ضمانت ڪرائي. اڄ شنوائي دوران جوابدار امام الدين تونيو پنهنجو ڏوھه قبول ڪيو، جنهن تي عدالت سندس مٿان 50 هزار ڏنڊ ۽ ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ کيس 7 لک 11 هزار 200 روپيا رقم سوئي گيس انتظاميه کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو. جيڪڏهن جوابدار ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪندو ته هو 6 مهينا قيد ڪاٽيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close