نئون ديرو ٿاڻي جي حد ۾ سعدو ديرو ويجهو رائيس ڪئنال جي ڪڙ وٽ روڊ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 27 ورهين جي دوائن جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ شرجيل ڪٽپر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. ڳوٺاڻن نوجوان کي رت ۾ ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنھن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، جتي نوجوان جي موٽرسائيڪل ۽ دوائن جي ٿيلھي ملي، جنھن بعد پوليس لاش کڻائي نئون ديرو اسپتال آندو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جڏھن ته ميڊيا ۾ مقتول نوجوان جون خبرون ھلڻ بعد مقتول نوجوان جو والد، چاچو ۽ ٻيا عزيز اسپتال پهچي ويا زارو قطار روئيندا رھيا. پوسٽ مارٽم بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. لاش گهر پھچڻ تي قھرام مچي ويو. وارٽ لاش کي چنبڙي زارو قطار روئيندا رھيا. پراڻي ٿاڻي محلي ويجهو نوجوان جو تڏو وڇايو ويو. لاڙڪاڻو روڊ سڌو آھي ته مقتول کي ان خراب رستي ڏانهن ڪير وٺي ويو، اھو به پوليس معلوم نه ڪري سگهي آھي ته نوجوان ان رستي ڏانهن پاڻ ويو يا جوابدار وٺي ويا. ٻئي طرف ايس ايس پي نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ لا جي آئي ٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا مختلف رخن کان معاملي جي جاچ ڪندي، جڏھن ته معاملي کي ذاتي نوعيت جو قرار ڏنو آھي. ٻئي طرف ايس ايڇ او شاھد حسين ميمڻ جو چوڻ آھي ته معاملو ذاتي نوعيت جو ٿو لڳي. ڦر واقعو نه پيو لڳي، ڇاڪاڻ ته نوجوان کي 6 گوليون ھنيون ويون آھن، واقعي جي جاڇ ڪريون پيا جلد رزلٽ ملي ويندي. جڏهن ته وارث اڃا تائين ڪجهه نه پيا ٻڌائين ۽ هو ڏک ۾ ورتل آهن. نوجوان شرجيل ڪٽپر غير شادي شده هو ۽ ٻن سالن کان دوائن جي ڪمپني ۾ نمائندي طور فيلڊ جي نوڪري ڪري رهيو هو. ٻئي طرف نوجوان جي چاچي محمد حسن ڪٽپر جو چوڻ هو ته منهنجو ڀائيٽو صبح جو 9 وڳي گهران ميڊيڪل ڪمپني جي نوڪري لا نڪتو هو ته کيس بيدري سان قتل ڪري هٿياربند موٽرسائيڪل ڇڏي سندس موبائيل فون ۽ پرس کڻي ويا آهن. ڪنهن به مٽ مائٽ توڙي ٻي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، جيڪڏهن ڪجهه به هجي ها ته هو گهر ۾ ضرور ٻڌائي ها.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close