سنڌ

قبو سعيد خان ۾ يوسي سيڪريٽري جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

قبوسعيد خان ۾ يوسي سيڪريٽري نور مگسي جي مبينا زيادتين خلاف شھري برڪت مگسي احتجاج ڪـندي چيو ته يوسي سيڪريٽري نور مگسي شھرين کي ٻنھي ھٿن سان ڦري رھيو آهي. شھرين کان ب فارم، فوتي سرٽيفڪيٽ ۽ رهائشي سرٽيفڪيٽ جا 1500 کان 2000 وٺي رھيو آهي، جيڪو سراسر ناجائزي آهي. ھن چيو ته يوسي سيڪريٽري نور مگسي ڪنهن سان ملڻ لا به تيار ناهي ھوندو. شھرين ڊي سي قمبر سميت ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي يوسي سيڪريٽري نور مگسي کي ھٽائي سندس تي ايماندار يوسي سيڪريٽري مقرر ڪري شھرين سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button