سنڌ

قبو سعيد خان ۾ عوامي اتحاد پاران گوادر موٽروي تي احتجاجي مظاهرو

قبو سعيد خان ويجهو پاڪستان بجيراڻي اتحاد چيئرمين مير نصيب الله خان مگسي ۽ عوامي اتحاد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻي گوادر موٽروي بند ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جي نااهلي ڪري عوام جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. ان موقعي تي مير نصيب الله خان مگسي، امان الله خان مگسي، مير سيف الله مگسي، محمد ابراهيم مگسي، آصف خان مگسي، خالد مگسي، جمعدار محمد عرس مگسي، ممتاز کوسو، اڪبر خان چانڊيو، ظفرالله مگسي، نادر حيات مگسي، محمد رفيق مگسي، عبدالحڪيم، خميسو خان مگسي، صدام مگسي، حاجي منير کوسو، نادر ابڙو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هنن انتظاميا کي چتا ڏنو ته اسان جا جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته خميس جي ڏينهن شهدادڪوٽ جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button