لاڙڪاڻي جي رسول آباد ۽ حسيني محلي جي رھواسي برسات متاثر عورتن واهر نه ٿيڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا نه ملڻ خلاف ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي عورتن ذليخان، فاطمه، حسينا، سميرا ۽ ٻين دانهيو ته اڍائي مهينا اڳ برساتن ۾ اسان جون جڳهون ڊهي پٽ پئجي ويون ۽ اسان معصوم ٻارڙن سميت کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن چيو ته يونين ڪاميٽي هڪ جي وارڊ 3 ۽ يوسي 10 جي وارڊ 2 جي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان هڙپ ڪري نظرانداز ڪيو آهي، جنهن ڪري راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو. هنن چيو ته برساتن بعد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا ناهن مليا، جڏهن ته اسان جا مرد بيروزگار آهن، جنهن ڪري ٻارن سميت بکون ڪاٽي رهيا آهيون. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي راشن، ٽينٽ ۽ سامان ڏيڻ سان گڏ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا ڏياري نوان گهر تعمير ڪرائي واهر ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close