سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سان اي پي اين ايس جي 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ اي پي اين ايس جو صدر سرمد علي، جنرل سيڪريٽري ناز آفرين، سنڌ ڪميٽي چيئرمين جاويد شمسي ۽ ڊپٽي چيئرمين يونس مهر شامل هئا. ملاقات ۾ اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي پڻ موجود هو. وفد صوبائي وزير کي اخبارن جي مسئلن، خاص طور تي اشتهارن جي ڏس ۾ رھتن جي ادائيگي بابت آگاهه ڪيو. صوبائي وزير وفد کي اخبارن جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ٽماهي بنيادن تي ادائيگيون ڪيون وينديون، شرجيل انعام ميمڻ اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي گذريل ٽماھي جون 100 سيڪڙو ادائيگيون ڪليئر ڪيون وڃن، جڏهن ته 2019 کان جيتريون به رھتون آهن، ان جي ريڪنسي ليشن کان پوءِ وزيراعليٰ سنڌ جي منظوري لاءِ سمري تيار ڪئي وڃي. وزير اطلاعات وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت برسات ۽ ٻوڏ جي ڪري ترقياتي ڪمن جا فنڊز منجمد ڪري ڇڏيا هئا، جنهن جي ڪري اين آئي ٽيز جاري نه پئي ٿيون. حڪومت ترقياتي منصوبن جا فنڊز رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جنهن سان صوبي ۾ ترقياتي ڪمن جو سائيڪل ٻيهر کان شروع ٿيندو، ۽ اخبارن کي اشتهارن جي مد ۾ بزنس ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ميڊيا جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جون خاص هدايتون آهن ته ميڊيا جا مسئلا حل ڪيا وڃن. ميديا کي مضبوط ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور جي اولين نقطن ۾ شامل آهي. اسان سمجهون ٿا ته جمهوريت جي مضبوطي ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close