پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن افراتفري وڌندي ته پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو آئيني آپشن موجود آهي، فيڊريشن آف چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري آف پاڪستان ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر پنجاب چيو ته پنجاب حڪومت کي گورنر هائوس تي حملي جي لکت ۾ شڪايت به ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت جو آئيني مدو 18 آگسٽ 2023 تي پورو ٿيندو، جنهن کانپوءِ ٻه کان ٽن مهينن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن، جنهن جو مدو 18 آڪٽوبر کان 18 نومبر 2023 تائين آهي. هن چيو ته اليڪشن دير سان ڪرائڻ تي ڪو ضد ناهي، ڇو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. هن چيو ته هن وقت سڀني جو ڪردار سڀني جي سامهون آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا ۾ جمهوري حڪومتون اپوزيشن سان گڏجي ڪم ڪنديون آهن پر ان جي برعڪس پاڪستان ۾ گذريل ساڍن 3 سالن ۾ اپوزيشن کي ذليل ڪيو ويو. هن چيو ته هن وقت افراتفري جي سياست کان مٿانهون حڪومت جو ڌيان معيشت ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ قدم کڻڻ تي آهي.
گورنر پنجاب