ڪراچي ۾ ڪلري جي علائقي ماڙيپور روڊ تي رانگ وي ويندڙ ٻه موٽر سائيڪل سوار نوجوان سامهون ايندڙ تيز رفتار مسافر بس هيٺا اچي فوت ٿي ويا. پوليس لاش سول اسپتال پهچايا، ڪلري ٿاڻي جي حد ماڙيپور روڊ تي مڇرڪالوني ويجهو روڊ جي سامهون ايندڙ ٻه موٽر سائيڪل سوار نوجوان 30 ورهين جو فيصل ۽ 27 ورهين جو عامر سامهون ايندڙ تيز رفتار روٽ نمبر اين 5 جي مسافر بس هيٺان اچي فوت ٿي ويا. پوليس مطابق فوتي ٻئي نوجوان پاڻ ۾ گهٽا دوست ۽ مڇر ڪالوني جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا. واقعي کان پوءِ مني بس جو درائيور بس ڇڏي فرار ٿي ويو. جڏهن ته پوليس مني بس تحويل ۾ وٺي فرار ٿيندڙ ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪري ڏني.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close